پروين موسيٰ ميمڻ

پروين موسيٰ ميمڻ

پروين موسيٰ ميمڻ

پروين موسيٰ ميمڻ: پروين موسيٰ ميمڻ ضلعي ٿرپارڪر جي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ 1958ع ۾ جنم ورتو. سندس والد سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي روينيو کاتي ۾ مختيارڪار ٿي رهيو. پيءُ جي بدلين سانگي سندس پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڏيپلي، مٺي، ماتلي، عمرڪوٽ، ٺٽي، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ ٿي. 1973ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ 1975ع ۾ انٽرميڊئيٽ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ پرائمري جي استاد طور سرڪاري اسڪولن ۾ مقرر رهي. 1983ع ۾ ايم. اي انگريزي ادب ۾ ۽ پوءِ 1988ع ۾ ايم. اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 1991ع کان ليڪچرر طور ابن رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص ۽ نذرٿ گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ ڪم ڪيائين. هن وقت سردار بهادر (ايم بي اينڊ جي ايف) گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي اسڪالر طور رجسٽرڊ آهي. سندس تحقيق جو موضوع ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورت ليکڪائن جو حصو: تحقيقي اڀياس“ آهي. ادبي زندگيءَ ۾ سندس پهريون افسانو ”چري“ جي عنوان سان ۽ ٻيو ”ماءُ جو دلاسو“ (خليل جبران جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو) شايع ٿيا ۽ چند مضمون به لکيائين ته سندس لاڙو تحقيق جي ميدان ڏانهن مڙي ويو. 2004ع کان سندس ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا آهن، جيڪي هن ريت آهن: (1) ”جائزو ۽ لطيفيات'>سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“ روشني پبلڪيشن (2004ع)، (2) ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ هائر ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد (2008ع)، (3) ”اٿي رائو ريل“ (2008ع)، (4) ”آديسن ادب آهي اکڙين ۾“ (2009ع)، (5) ”سون ورنيون سوڍيون“ (2009ع) ۾، محمد موسيٰ ميمڻ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي، طرفان شايع ڪيا ويا آهن. سندس ٻن ڪتابن ’سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ ۽ ”وکر سو وهاءِ“ کي HEC طرفان انعام سان نوازيو ويو آهي. 2010ع ۾ سندس ڪتاب ”اٿي رائو ريل“ کي سنڌي ادبي سنگت پاران تحقيق ۽ تنقيد جي موضوع تي اوارڊ شيلڊ ڏني وئي.
پِرهَه: پرڀات جو وقت، صبح صادق، سج اڀرڻ کان اڳ وارو وقت، جنهن ۾ هلڪي روشني ماحول کي خوشگوار بنائيندي آهي، ان وقت کي پرهه ڦٽي ۽ باک به چئبو آهي.


لفظ پروين موسيٰ ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو